پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون

ميھڙ: ميھڙ سٽي ٽو فيڊر تي بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ، سٽي ٽو فيڊر جا ڪجهھ حصا فريدآباد فيڊر ۾ شامل ڪرڻ خلاف شھباز ڪالوني، سليمان ڪالوني، ڪريم ڪالوني، پنجابي جا ڀاڻ، شفيع محمد ڪالوني ۽ ٻين علائقن جا رھواسي روڊن تي نڪري آيا شھرين وڪيل عبدالڪريم سولنگي، عبدالغفار کوسو، اياز سولنگي، ڪاشف، نظر کوسو، قادر کوسو، پيار علي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ راڌڻ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري احتجاجي ڌرڻو ھنيو. مظاھرين ميھڙ راڌڻ روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ايس ڊي او سيپڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جڏهن ته مظاھرين جون عورتن ۽ مسافرن سان چڪريون پڻ ٿيون، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڊ بند ٿيڻ ڪري سوين گاڏيون بيهجي ويون. مظاھرين چيو ته شھر ۾ غير قانوني لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، مسلسل 16 ڪلاڪ بجلي بند آھي، ايس ڊي او ميھڙ ۽ ايل ايس سازش تحت ميھڙ شھر جي ڪجھه ڪالونين کي سٽي ٽو فيڊر مان ڪٽي فريدآباد فيڊر ۾ شامل ڪيو آھي، جنهن ڪري مسلسل بجلي بند آھي. ھنن گھر ڪئي ته سٽي ٽو فيڊر تي غير قانوني لوڊشيڊنگ ختم ڪري سٽي ٽو مان خارج ڪيل ڪالونين کي ٻيھر سٽي ٽو ۾ شامل ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطي تي ايس ڊي او ميھڙ ٻڌايو ته طوفان سبب پول ڪرڻ ۽ تارون ٽٽڻ سبب ٻھراڙي جا ڪجهھ حصا شھر ۾ شامل ڪري بجلي بحال ڪئي هئي، جيڪي ٻيھر ساڳئي فيڊر ۾ شامل ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button