سنڌ

ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ هلندڙ 40 ڊسپينسريون غير فعال

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي جون 40 کان وڌيڪ ڊسپينسريون بي ڌياني جو شڪار، 25 کان وڌيڪ اسپتالون بند پيل، ڊسپينسرين جي زبون حالي سبب ڪيترن ئي ڊسپينسرين ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ويهڻ ڇڏي ڏنو، 12 ڊسپينسريون نالي ماتر کليل، ضلعي ڪائونسل جي چونڊيل نمائندن طرفان ڪيترائي ڀيرا اعلان باوجود ڊسپينسرين کي فعال نه ڪيو ويو. تفصيل موجب ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي جو ملير اندر 40 کان وڌيڪ ڊسپينسريون بي ڌياني جو شڪار ٿي ويون آهن، جن مان 25 کان وڌيڪ مڪمل طور تي بند پيل آهن، ڊسپينسرين جي زبون حالي سبب ڪيترن ئي ڊسپينسرين ۾ ڊاڪٽرن ۽ عمل ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته 12 ڊسپينسريون نالي ماتر کليل آهن، 3 ضلعن ملير، اولهـ، اوڀر ۾ موجود سمورين ٻهراڙين وارن علائقن ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين صحت طرف ڪابه توجهـ نـ ڏني وئي، جنهن جو سڀ کان وڏو ثبوت موجوده ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حدن ۾ موجود 40 ڊسپينسرين جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي آهي، گذريل شهري حڪومت جي 16 سالن جي دور ۾ صحت جا ادارا مڪمل تباهـ ٿي بند ويا هئا، مليل انگن اکرن مطابق 40 ڊسپينسرين مان 25 ڊسپينسريون مڪمل طور تي بند پيل آهن، جڏهن تـ رڪارڊ ۾ کليل 8 ڊسپينسرين جي عمارتن جي حالت انتهائي زبون حال آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن تـ صرف 12 اهڙيون ڊسپينسريون آهن، جيڪي نالي ماتر کليل آهن، جن ۾ ڊسپينسر ڳاڙهي دوا ۽ اڇين گورين تي ويٺل آهن، ٻهراڙين ۾ رهندڙ پورهيت طبقي جا غريب ماڻهو صحت جون سهولتون نـ هجڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، هر ڀيري بجيٽ ۾ صحت جي نالي تي رکيل ڪروڙين رپين جي بجيٽ هڙپ ڪئي وئي، جنهن سبب ملير ۾ صحت جا ادارا مڪمل طور تي تباهه بڻيل آهن، عوامي احتجاجن باوجود چونڊيل نمائندن اڃا تائين ڊسپينسرين کي فعال ڪرڻ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو آهي. سروي دوران ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. هنن وڌيڪ چيو ته ملير جي ٻهراڙين ۾ ليڊي ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ اسپتالن ۾ ويم گهرن جون سهولتون نه هجڻ جي ڪري ٻهراڙي جي عورتن کي سخت مشڪلات سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، شهري علائقن کان پري سوين ڳوٺن جي غريب عورتن کي سرڪاري علاج جي سهولت نه ملڻ جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون ويم دوران فوت ٿي وڃن ٿيون، جنهن جو پڻ انتظاميا هن وقت تائين ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي. ملير جي ٻهراڙين ۾ وچڙندڙ بيمارين روڊ حادثن سبب غريب ماڻهو موت جو شڪار ٿيڻ جي باوجود ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي طرفان ڪوبه قدم نه پيو کنيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٻهراڙين وارين ڊسپينسرين کي فعال ڪري صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button