سنڌ

گڏاپ جا 100 کان وڌيڪ ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي کان محروم

ڪراچي جي ٻهراڙين واري علائقي گڏاپ جي هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي ٻه اکيائي سبب 12 کان 16 ڪلاڪ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب سخت گرمي ۾ عوام عذاب سان منهن ڏئي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ گڏاپ شهر، ڪونڪر، بنديچا اسٽاپ، گبول اسٽاپ، کار، موئيدان، ڪاٺوڙ، درساڻو ڇنو، ميمڻ ڳوٺ، دنبا ڳوٺ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران هجڻ جي باوجود چونڊيل نمائندا خاموش آهن، ڪراچي واٽر بورڊ جون ڪيترن ئي علائقن ۾ لائينون نه هجڻ جي ڪري علائقي واسي سخت پريشان آهن، برساتون نه پوڻ جي ڪري جر 5 سئو کان 7 سئو فوٽ هيٺ هجڻ جي ڪري غريب ماڻهو گهرن ۾ پاڻي جو بور به نٿا هڻائي سگهن، گڏاپ ۾ پاڻي جي سخت بحران سبب ماڻهو سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن، گڏاپ جي رهواسين عبدالرشيد گبول، مبارڪ گبول، رياض پالاري، ۽ ٻين ملير نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گڏاپ جا سوين ڳوٺ جيئڻ جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، اتي وڏو مسئلو پيئڻ جي پاڻي جو آهي، جيڪو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي، اسان صدين کان گڏاپ جا رهواسي آهيون، گڏاپ ۽ ڀرپاسي ۾ 30 سيڪڙو ماڻهو پيئڻ جو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن. باقي 70 سيڪڙو ماڻهو پيئڻ جي پاڻي جي نعمت کان محروم آهن. هنن چيو ته پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه هجڻ جي ڪري علائقي واسي سراپا احتجاج آهن ان باوجود به چونڊيل نمائندا علائقي واسين جي سار نٿا لهن. هنن چيو ته پاڻي انساني جياپي لاءِ ضروري آهي انڪري اسان گهر ڪريون ٿا ته گڏاپ سميت ڪراچي جي سمورين ٻهراڙين ۽ ڳوٺن جي رهواسين کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ڏني وڃي. هنن چيو ته غريب ماڻهو 5 کان 6 هزار رپين وارو ٽينڪر نه ٿا گهرائي سگهن سپريم ڪورٽ پاران سنڌ سرڪار ۽ ٻين ادارن کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ٽينڪرن ذريعي شهرين تائين پاڻي پهچائين پر اسان گڏاپ جا رهواسي ان نعمت کان به محروم آهيون، اسين سپريم ڪورٽ سميت ٻين وس وارن ادارن کي اپيل ڪريون ٿا ته گڏاپ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي نعمت ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button