پاڪستان

هڪ ملڪ ٻه عيدون، پختونخوا ۾ عيد ملهائي وئي، باقي ملڪ اڄ ملهائيندو

اسلام آباد: پاڪستان ۾ هن ڀيري 2 عيدون ملهايون پيون وڃن، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ ڪالهه عيدالفطر ملهائي وئي جڏهن ته باقي ملڪ ۾ اڄ عيد ملهائي ويندي. رپورٽ مطابق خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي اترين ضلعن ۾ ڪالهه عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. خيبرپختونخوا جي مختلف مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي وئي. عيدالفطر اڄ اڱاري جي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بلوچستان ۾ به چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي وئي. ان کان علاوه زوب، موسيٰ خيل، دڪي، ڪوهلو، بارکان ۾ به عيد جي نماز جا اجتماع ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button