پاڪستانپنجاب

عمران خان جو عيدالفطر کانپوءِ پنجاب جي 6 شهرن ۾ جلسن جو اعلان

لاهور: ڳوڻي وزيراعظم عمران خان عيدالفطر کان پوءِ سموري پنجاب ۾ عوامي رابطا مهم جي شروعات ڪندو. عيد کان پوءِ تحريڪ انصاف جلسن جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي سيڪريٽري اطلاعات مسرت جمشيد موجب 6 مئي تي عمران خان اباڻي علائقي ميانوالي ۾ جلسو منعقد ڪندو جنهن جي لاءِ سبطين خان کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. 10 مئي تي جهلم ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ فواد چوڌري فوڪل پرسن هوندو. عمران خان 12 مئي تي اٽڪ ۾ جلسو ڪندو جنهن جي لاءِ طارق صديق فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. اڳوڻو وزيراعظم عمران خان 14 مئي تي سيالڪوٽ ۾ جلسو ڪندو جنهن ۾ عثمان ڊار فوڪل پرسن هوندو. عمران خان 15 مئي تي فيصل آباد ۾ جلسو ڪندو جنهن جي لاءِ لطيف نذر فوڪل پرسن هوندو. 19 مئي تي چڪوال ۾ جلسو ٿيندو جنهن جي لاءِ راجا ياسر همايون کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button