پاڪستانسنڌ

ڪنري جي رهواسڻ جو بااثرن خلاف ميرپورخاص ۾ احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ڪنري شهر جي پاڙي اميرآباد جي رهواسڻ عظيمه تبسم زال حافظ خاصخيلي گهر تي حملو ڪري بيدخل ڪرڻ خلاف بااثر ذڪاالله ميمڻ، صمت الله پٺاڻ، شھزاد، رضيه شيخ ۽ ذڪاالله ميمڻ جي گهرواري ڪومل جي ظلمن خلاف ٽن ٻارن سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هڪ هفتو اڳ پاڙي ۾ ٻارن جي ڳالھه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن تي مٿي ڄاڻايل بااثرن منهنجي مٿي ۾ شديد ڌڪ هنيا، اسان ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن تي بااثر ذڪاالله ميمڻ، صمت الله پٺاڻ، شھزاد، رضيه شيخ ۽ ذڪاالله ميمڻ جي گهرواري ڪومل مڇرجي پيا ۽ ٽن ڏينهن کان روز منهنجي گهر تي حملو ڪري اسان کي چون ٿا ته ڪيس تان هٿ کڻ، هن صحافين اڳيان لڙڪ لاڙيندي وڌيڪ چيو ته بااثر ماڻهن گهر تي حملو ڪري گهر مان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ٻارن سميت دربدر آهيان. هن الزام هنيو ته جوابدارن منهنجي مڙس حافظ خاصخيلي کي گم ڪري ڇڏيو آھي، پوليس به جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري ڪيس تان هٿ کڻڻ لا دٻا وجهي رهي آهي، پوليس اهلڪار پونجومل ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ايڇ ايس او ڪنري کان گهر ڪئي ته نوٽيس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button