پاڪستانسنڌ

نيوسعيدآباد ۽ ڀٽ شاهه ۾ باهه جا 3 واقعا، 32 کان وڌيڪ گهر سڙي رک

نيوسعيدآباد/ڀٽ شاهه(نمائندن وٽان) نيوسعيدآباد ۽ ڀٽ شاهه ۾ ڪجهه ڪلاڪن دوران باهه جا 3 واقعا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ 32 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا. خبر موجب نيوسعيدآباد کان 14 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ دريا خان راھو ۾ ھڪ گھر کي اوچتو باھه لڳي ويئي، تيز ھوائن سبب محرم دل، مٺو دل، حبدار دل، دريا خان دل ۽ سليم ڪيريو جا گهر سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ سبب ھڪ ڍگي، چار ٻڪريون، ھڪ گڏھه به سڙي مري ويا، اطلاع تي اي سي سعيدآباد منصور عباسي پاران مختيار ڪار آفتاب جمالي ۽ اڳوڻو يوسي چيئرمين جمن انڙ پھتا، جڏھن ته باھه متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل هئا، جڏهن ته نيوسعيدآباد ويجهو محمد بخش بروهي ۾ باهه جو ٻيو واقعو پيش آيو. باهه لڳڻ سبب 20 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا، درجن کان وڌيڪ ڍور، اناج ۽ لکين رپين جو سامان به سڙي رک ٿي ويو.

عورتن جي رڙين تي سڄي علائقي جا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ باهه وسائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. باهه لڳڻ جي سڀني واقعن ۾ فائربرگيڊ روايتي سستي جو مظاهرو ڏيکاريو، ذريعن موجب نيوسعيدآباد جي فائربرگيڊ خراب هجڻ سبب هالا ۽ مٽياري مان فائربرگيڊ کي طلب ڪيو ويو هو پر اهي به پهچي نه سگهيون. هوڏانهن ڀٽ شاهه ڀرسان ڳوٺ محمد ٻرڙو ۾ تقريبن 6 گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڪري گهرن ۾ بيٺل چوپايو مال سڙي مري ويو، جنهن ۾ 6 مينهون ۽ 2 ٻڪريون به شامل آهن، گهرن ۾ پيل الهه تلهه به سڙي رک ٿي ويو آهي، ڳوٺ ۾ عطا محمد، حاجي ٻرڙو، درمحمد، علي شير ۽ لاهوتي ٻرڙو سميت 6 گهرن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button