سنڌ

ميرپورماٿيلو ڀرسان 20 پورهيتن جي گهرن کي باهه،الهه تلهه رک

ميرپورماٿيلو ويجهو ڳوٺ سانوڻ بوزدار ۾ گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن ۾ 20 پورهيتن راحب، شمن، نياز بوزدار ۽ ٻين جا ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا. باهه سبب چوپايو مال به سڙي مري ويو. گھرن ۾ رکيل نياڻين جو ڏاج، اناج، سونا زيور ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو. هوڏانهن ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪيو. هوڏانهن متاثر ڳوٺاڻا بي يارو مددگار بڻيل آهن. ٻي طرف متاثر ڳوٺاڻن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button