پاڪستانسنڌ

چيلهار ويجهو بجلي جي تار مان گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو

چيلهار: چيلهار ويجهو بجلي جي تار مان باهه لڳڻ سبب هڪ ٻڪري سميت گهر ۾ پيل سمورو ضروري سامان سڙي رک متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل، سرندي وارن کان واهر جي اپيل، خبر موجب چيلهار ويجهو ڳوٺ ڀوريلو ۾ بجلي جي تار مان باهه لڳڻ ڪري پورهيت مبارڪ سليمان ڪنڀر جي گهر ۾ موجود ٻه چونئرا سڙي رک ٿي ويا.

جڏهن ته چيلهار ٽائون ۾ بيٺل فائربرگيڊ گاڏي وقت سر نه پهچي سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻڪري سميت نياڻي لا رکيل ڏاج ۽ کاڌي پيتي جو ضروري سامان به سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺاڻن بروقت پهچي باهه تي ضابطو آندو، جڏهن ته متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، سرندي وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button