پاڪستانسنڌ

ٺٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف قومي شاهراهه تي هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

ٺٽو: ٺٽي ضلعي اندر پاڻي جي شديد کوٽ، آبپاشي کاتي جي انتظامي نااھلي ۽ پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ خلاف آبادگارن، پورھيتن، سياسي، سماجي ڌرين جي اڳواڻيءِ ۾ ھزارين ماڻھن حيدرآباد-ٺٽو قومي شاھراهھ تي ڌرڻو هنيو، ڪراچي کان ڪينجھر ڍنڍ ايندڙ سياحن جي گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ٻه ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رھي، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار رياض شاھه شيرازي ڌرڻي ۾ پھچي ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، خبر موجب ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جي مسلسل بحران، سب ڊويزن ٺٽي ۾ پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ آبپاشي کاتي جي انتظامي نااھلي خلاف آبادگارن، پورھيتن، ھارين ۽ مزدورن ڇتي چنڊ شھر ۾ ٺٽو-حيدرآباد قومي شاھراھه تي ڌرڻو ھنيو.

ڌرڻي ۾ پورھيت مزاحمت، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، شھيد ڀٽو ۽ ٻين تنظيمن جا اڳواڻ به شامل ٿي ويا. احتجاجي ڌرڻي کي آبادگار اڳواڻن حاجي حسن جاکرو، حنيف سومرو، ايس ٽي پي اڳواڻ جلال شاھه، پورھيت مزاحمت جي اڳواڻ اعجاز جاکرو، نظير جاکرو، اقبال جاکرو، جبار ڀنڀرو، امان اللہ بروھي، شريف جاکرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي جو بُحران شدت اختيار ڪري ويو آھي، آبپاشي کاتي جي انتظامي نااھلي سبب سب ڊويزن ٺٽي جي واھن، شاخن، برانچ سمڪي، ھالاٽ، ڄام واھه، سدابھار نالي، ٺٽه نالي، ننڍي الھکائي، وڏي الھکائي، گھار مساڻ، کٽياڻ ليفٽ رائيٽ، ٻائو پورنداس ۽ ڄام برانچ ۾ گذريل ٽن مھينن کان واري اڏامي رھي آھي، ٺٽي ۽ مڪلي شھر ۾ پيئڻ جو وڏو بحران پيدا ٿي ويو آهي.

پاڻي جي مسلسل کوٽ سب زراعت تباھه ٿي وئي آھي، آبي جيوت، انساني زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي. پاڻي جي شديد بحران سبب علائقن مان لڏپلاڻ ٿي رھي آھي، بک بدحالي ۽ بيروزگاري گھر ڪري وئي آھي، پاڻي جي غيرمنصفاڻي ورڇ سبب پيئڻ لاءِ پاڻي اڻلڀ آھي. ھنن چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو. ڌرڻي سبب 2 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل بڻجي وئي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو، ڊي ايس پي ٺٽو پھچي ڳالھيون ڪيون پر مظاھرين سان ڳالھيون ڪامياب نه ٿي سگھيون. جڏھن تہ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار رياض شاھه شيرازي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جي 15 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جن سان اڄ ڊي سي آفيس ۾ ڳالھيون ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button