پاڪستانسنڌ

ايس اي آبپاشي روھڙي سرڪل کي گٿا لفظ ڳالھائڻ خلاف احتجاج

مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي لڳ ھوسڙي ريگيوليٽر تي پورھيت اتحاد يونين آبپاشي پاران بااثر شخص سيد لطف علي شاھه پاران ايس اي آبپاشي روھڙي سرڪل کي گٿا لفظ ڳالھائڻ خلاف ريگيوليٽر تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي آبپاشي جي پورھيت اتحاد اڳواڻن جاويد سپيو، اوشاق مڱريو، نظير خاصخيلي، غلام شبير ھڪڙو، سيد سردار شاھه ۽ ٻين چيو ته ھڪ بااثر شخص سيد لطف علي شاھه پاران ايس اي روھڙي سرڪل ظھير ميمڻ کي گٿا لفظ ڳالھائڻ ۽ ڪوڙا الزام ھڻڻ خلاف اسان سخت احتجاج ڪريون ٿا، ھنن چيو ته ايس اي صاحب خلاف جيڪا سوشل ميڊيا تي ٻولي ڳالھائي وئي آھي ان جي مذمت ڪريون ٿا. مظاھري ۾ حاجي ھاشم ڀنڀرو، حافظ عبدالستار ڀنڀرو، امير ڀٽي، خاوند بخش ڀٽي، مھر علي رتڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button