پاڪستانسنڌ

ڌاٻيجي ۾ پاڻي واري موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب گجي واسي ڊاڪٽر فوت

گُجو: گُجي لڳ ڳوٺ سومار جوکيو جو رهواسي ڊاڪٽر سڪندر جوکيو بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. صحت کاتي ٺٽي جي ڪرونا ڪنٽرول پروگرام ۾ ميڊيڪل آفيسر طور مقرر 44 ورهين جو ڊاڪٽر سڪندر جوکيو پٽ محمد عرس جوکيو ڌاٻيجي واري گهر ۾ پاڻي واري موٽر چالو ڪرڻ دوران بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

اطلاع تي سندس ڳوٺ سميت علائقي ۾ سوڳ ڦهلجي ويو. مرحوم جي مڙھه کي گجي لڳ ڳوٺ حاجي سومار جوکيو آندو ويو، جتان جنازي نماز بعد درگاھه درس وريو تي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن سميت ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button