پاڪستانسنڌ

ڪلوئي لڳ ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان جهيڙو، ڪهاڙيون هڻي 2 ڀائر قتل

ڪلوئي/ڏيپلو: ڪلوئي لڳ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڪهاڙيون لڳڻ ڪري 2 ڀائر قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، خبر موجب ڪلوئي لڳ ڏيپلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦل کوهي ۾ ٻن ڌرين ۾ گذريل سال ڪاٺ جي گاڏي تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سڪندر پٽ طيب نهڙيو کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪيس ۾ دودو نهڙيو ۽ سندس پٽ ڪيس ۾ نامزد هئا، جنهن ۾ دودو کي بري ڪيو ويو ۽ سندس پٽ جيل ۾ آهي، جنهن جي پلاند ۾ گذريل ڏينهن اسماعيل نهڙيو، طيب نهڙيو ۽ ٻين گڏجي کوهه تي چوپائي مال لاءِ پاڻي ڪڍندڙ خالق ڏنو نهڙيو ۽ رزاق ڏنو نهڙيو کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته سندن ڀاءُ کي به ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪيو ويو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ جي ٻن ڪلاڪ کانپوءِ ڏيپلو ۽ مٺي ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، جن مقتولن ۽ زخمين کي پوليس موبائيل ۾ کڻائيِ ڏيپلو اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ڳوٺ ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي، ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھا مائٽ آهن، هوڏانهن مقتول نوجوانن جي قتل جي ڏيپلو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي، پولیيس ڪارروائي ڪري طيب، اسماعيل سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري هڪ موٽرسائيڪل ڪاهي وئي، هوڏانهن ٻنهي مقتولن رزاق ڏنو ۽ خالق ڏنو جا لاش سندس پي دودو نهڙيو حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمي جو سول اسپتال ڏيپلو ۾ علاج هلندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button