پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر لڳ نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ مٺڙي ۾ 22 ورهين جي ڌنار سريش پٽ رامون مل ميگھواڙ جھنگ ۾ ڪنڊي جي وڻ ۾ اڳٺ ٻڌي ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. نوجوان ڳوٺ پاٻاسرو جو رھواسي ھو ۽ غيرشادي شده ھو. اطلاع ملڻ تي ڏانوڌاندل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لا تعلقي اسپتال ننگرپارڪر آندو.

جتان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان ڳوٺ ساڪري ۾ مال چاريندو هو ٻه ڏينهن اڳ سندس ڳوٺ پاٻاسرو ويو جتان واپسي بعد ڳوٺ مٺڙي وٽ خودڪشي ڪئي آهي، نوجوان بيروزگاري جي ڪري اڪثر پريشان رهندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button