پاڪستانسنڌ

چوهڙجمالي لڳ عيد ڏهاڙي ڀائرن هٿان ڀيڻ قتل، ڪيس داخل نه ٿيو

چوهڙجمالي: چوهڙجمالي لڳ جونگو جلباڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنڊو نوحاڻي ۾ عيد ڏھاڙي ڀائرن هٿان ڀيڻ قتل، 3 ڏينهن گذرڻ باوجود قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، چوهڙ جمالي لڳ جونگو جلباڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنڊو نوحاڻي ۾ عيد ڏھاڙي ابراهيم حيدري ڪراچي واسي ڀائرن مبينا طور تي پسٽل جا فائر ڪري 5 ٻارڙن جي ما 30 ورهين جي سومري زال عمر نوحاڻي کي قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا، جونگو جلباڻي پوليس اطلاع ملڻ تي موقعي تي پهچي مقتولا جو لاش چوهڙجمالي رورل هيلٿ سينٽر تي آندو.

جتي مقتولا جي مڙس عمر نوحاڻي الزام هڻندي چيو ته اسين گهر کان ٻاهر هئاسين ته خبر پئي ته منهنجا سالا حيدر نوحاڻي، سڪندر نوحاڻي ۽ مقتولا جو ڀاڻيجو عاشق نوحاڻي جيڪو ابراهيم حيدري ڪراچي جا رهواسي آھن، موٽرسائيڪل تي ڳوٺ اچي گهر ۾ ماني پچائيندڙ منهنجي گهرواري تي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، هن جو چوڻ هو ته اسان جي پاڻ ۾ اهڙي ڪابه دشمني ناهي، تازو ڪجھه ڏينهن اڳ منهنجي گهرواري پنهنجي مائٽن کان ٿي آئي هئي، پوليس موجب مقتولا جي مڙس کان بيان ورتو ويو آھي، ھوڏانهن 3 ڏينهن گذرڻ باوجود عورت جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button