پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي گنجائش آهي،خانگي شعبو سگهارو ڪنداسين:وڏو وزير

ڪراچي :سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جي صدارت هيٺ صوبي ۾ سيڙپڪاري بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خاص مددگار قاسم نويد، چيف سڪرييٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش موجود آهي، سيڙپڪاري کاتو جن علائقن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، انهن کي هائي لائیٽ ڪري.هن چيو ته اسان کي ڪراچي ۾ ڪچري مان بجلي تيار ڪرڻ، ڊي سالینیيشن پلانٽ، پاڻي جي ورهاست جي منصوبن کي سيڙپڪاري لائي سامھون آڻڻو آهي. گورک هل، ڪیينجھر ڍنڍ ۽ ٿر ۾ سياحت لا سيڙپڪاري جا منصوبا سامھون آڻڻا آھن. وڏي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي ميون، انب، کجور، زيتون ۽ ٻئي فروٽ کي پرڏيھه برآمد ڪرڻ لا ويلوئيشن ۾ وڃڻو آهي. اسان وٽ ٿر ۾ بجلي، ڪوئلي مان گیيس، ڪوئلي مان لیڪوئیڊ ۾ سيڙپڪاري جا گهڻا موقعا آهن. هن چيو ته اسان کي ايجوڪیشن سٽي ۾ دنیيا جي بهترين تعلیيمي ادارن کي آڻڻو آهي. سنڌ صوبي ۾ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جو زبردست مںنصوبو آهي، هن منصوبي ۾ سرمائيڪاري کي مدعو ڪرڻو آهي. وڏي وزير چيو ته سيڙپڪاري اچڻ سان روزگار جا موقعا پیيدا ٿيندا، مون کي خانگي شعبي کي مضبوط ۽ بهترين بنائڻو آهي. ٺٽي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ آهي، زرعي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته سنڌ کي مجموعي طور تي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪو پاڻي سسٽم ۾ موجود آهي، ان جي منصفاڻي ورهاست ڪئي وڃي. احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري مسئلي کي حل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button