اسلام آباد: وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گوشوارن ۽ آمدني جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب حڪومت پي ٽي آءِ سينٽرل سيڪريٽريٽ جي 4 ملازمن جي بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل حاصل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جن ملازمن جا تفصيل حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رفيق شامل آهن، 2008ع کان 2022ع تائين انهن ملازمن جي خانگي اڪائونٽن ۾ جيتري رقم آئي، انهن جو رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close