سنڌ

خيرپور ۾ رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو

خيرپور ۾ گلشن اويس ڪالوني جي رهواسين ايس ايس پي خيرپور جي پي آر او ۽ بي سيڪشن پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي تاج محمد نوناري، دُر محمد نوناري، الله ڏنو نوناري، عبدالخالق نوناري ۽ ٻين چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالرحمان ڀٽو، ايس ايس پي جي پي آر او جي چوڻ تي پوليس جا اٽالا ساڻ ڪري شھباز نوناري جي گھر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ڪيو. هنن چيو ته پوليس گھر ۾ رکيل سونا زيور، روڪ رقم کڻڻ سان گڏ شھباز نوناري کي گرفتار ڪري گُم ڪري ڇڏيو آهي. سندس ڀاءُ تاج محمد نوناري کي ڌڪ ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي. مظاهرين گُھر ڪئي ته بااثر پي آر او ۽ بي سيڪشن پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button