نوشهروفيروز ۾ گمشده نوجوان شرجيل تڳر جي آزادي لا ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ساجد سولنگي، پيار علي تڳر، شھباز مستوئي، نعمان علي تڳر، اصغر ڀنگوار ۽ ٻين چيو ته سنڌين جا ٻچا گھرن ۾ محفوظ ناھن، اسيمبليون، قانون ۽ پوليس بيوس بڻيل آھن. سرعام انساني حقن جي لتاڙ ۽ ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. هنن سنڌ ها ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فورن نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل کي ظاهر ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close