اسلام آبادپاڪستان

آئين ۽ ادارن جو احترام نه ٿيندو ته افراتفري ٿيندي:ها ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ جي حڪم ۾ 9 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شهباز گل جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي شنوائي ڪئي، جنهن ڏس ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. شهباز گل عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف ڪيس داخل ناهي ڪرايو. پيڪا آرڊيننس جو سهارو به ناهي ورتو. ان موقعي تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اسان تنقيد کي ويلڪم ڪريون ٿا، جيڪڏهن آئين ۽ ادارن جو احترام نه ٿيندو ته افراتفري ٿيندي. جيڪڏهن سموريون شيون سياسي بيانئي تي هلڻيون آهن ته پڄاڻي انتشار تي ئي ٿيندي. جنهن کان پوءِ عدالت توهين مذهب جي ڪيس ۾ شهباز گل کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ جي حڪم ۾ 9 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ کيس ايندڙ شنوائي تي پيشي کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي. عدالت شهبازگل جي ڪيس کي توهين مذهب جي ٻين ڪيسن سان ڳنڍڻ جو حڪم به ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button