اسلام آبادپاڪستان

31 مئي کان اڳ نئين چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي:شيخ رشيد

اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سامراجي خط سازش هو. موجوده حڪومت ان کي بي بنياد ۽ جعلي چوندي هئي. جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته حڪومت اڄ پڻ پنهنجي بيانئي جي خلاف جاچ ڪميشن بڻائڻ جو اعلان ڪري رهي آهي. عمران خان جڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڪري رهيو آهي. شيخ رشيد چيو ته اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته مداخلت سازش کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ طرفان جلسن جي شروعات جلد اليڪشن جي هڪ ڪڙي آهي. اڳوڻي وفاقي گهرو وزير دعويٰ ڪئي ته ٻن ووٽن جي اڪثريتي حڪومتي ٻن مهينن ۾ ئي سياسي طور ختم ٿي ويندي. شيخ رشيد چيو ته سٺو اهو آهي ته 31 مئي کان اڳ نئين چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button