اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز پنهنجون پگهارون وٺي ڇڏيون

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن پنهنجون پگهارون وٺي ڇڏيون. ذريعن موجب گذريل مهيني 16 اپريل تي پي ٽي آئي جي قومي اسيمبلي ميمبرن استيعفا جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته هاڻي پي ٽي آئي جي اسيمبلي ميمبرن جي اپريل جي پگهار ۽ ٻيا الائونسز جاري ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته واجب الادا رقم ميمبرن جي ذاتي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي وئي. ميمبرن جي استيعفا منطور ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن اڃا تائين جاري ناهي ٿي سگهيو، تنهنڪري پگهارون جاري ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button