اسلام آبادپاڪستان

نيپرا اٿارٽي اين پي ڊي سي تي 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو

اسلام آباد : جنوري 2021 ۾ ملڪ ۾ بليڪ آئوٽ واري معاملي تي نيپرا اٿارٽي اين پي ڊي سي تي 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو. تفصيل مطابق ملڪ ۾ 9 جنوري 2021 تي بجلي جو شٽ ڊائون ٿيو هو. نيپرا مطابق ڏنڊ بروقت بجلي سپلاءِ جي بحالي ۾ ناڪامي تي هنيو ويو آهي. اين ٽي ڊي سي کي ملڪ ۾ بجلي سپلاءِ جي بحالي ۾ اٽڪل 20 ڪلاڪ لڳا هئا. نيپرا مطابق معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺندي مڪمل جاچ لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي هئي. ڪميٽي جي تفصيلي رپورٽ کانپوءِ اٿارٽي اين ٽي ڊي سي جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي. نيپرا ايڪٽ تحت اين ٽي ڊي سي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو. اين ٽي ڊي سي کي شنوائي جو موقعو به ڏنو. نيپرا چيو ته اين ٽي ڊي سي ڪوئي تسلي جوڳو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، بليڪ آئوٽ جي نتيجي ۾ لاڳاپيل پاور پلانٽس جي خلاف به الڳ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button