فريدآباد: فريدآباد ڀرسان ڳوٺ علي بخش تيوڻو جي رھواسي پورھيت علي اڪبر ڏيرو جي گھر مان نامعلوم چور 3 ٻڪريون چوري ڪري ويا، جنهن خلاف ڳوٺاڻن علي اڪبر ڏيرو، مير ڏيرو، علي انور ڏيرو ۽ عبدالله ڏيرو جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. هنن چيو ته چور ٻڪريون ڪاھي ويا آهن، اسان پيرو کڻي ڳوٺ الھڏنو تيوڻو ۾ ھنيو آهي، پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close