پاڪستانسنڌ

نااهل حڪمرانن جي ڪري 60 سيڪڙو پاڻي کوٽ پيدا ٿي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته نااهل حڪمرانن جي ڪري سنڌ ۾ 60 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري ڊيلٽا تباھه ٿي ويو آهي، ڪمند ڦٽي، چانور، انب، کجور جي باغن سميت زرعي معيشيت خطري ۾ آهي، سنڌ جي تباهي جي ذميوار پ پ پ حڪومت آهي، جيڪا مسلسل 14 سالن کان وٺي اقتدار ۾ رھندي پئي اچي. ھنن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪوبه واسطو ناهي.

اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي خطرناڪ کوٽ پيدا ٿي وئي آھي ۽ فصلن لا پاڻي ناھي سنڌ حڪومت فوري طور ھنگامي بنياد تي جوڳا اپاءَ وٺي ھٿرادو پيدا ڪيل ڏڪار ختم ڪرائي، سنڌ جو پاڻي ھٿرادو بند ڪري سڄي سنڌ جي زراعت کي تباھه ڪيو پيو وڃي، پاڻي کانسوا زندگي جو تصور ممڪن ناھي، ان باوجود سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو آھي، ارسا مٿان کان ئي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولت ڪار بنيل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button