پاڪستانسنڌ

بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو حيدرآباد ۾ احتجاجي ڌرڻو

حيدرآباد: بدين جي آبادگارن نصير ڪئنال جي شاخن خاص طور سانگي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ پاڻي جي چوري توڙي منڍ جا واٽر ڊيزائين نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ قائم آبپاشي کاتي جي آفيس سامهون احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن رحيم ڪلوئي، رياض آرائين، شاهنواز ڪلوئي، برڪت لسڪاڻي، سلطانه ڪلوئي، شمشاد ڪلوئي، اسحاق، زبيده ڪلوئي ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نصير ڪينال جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ آهي.

هڪ ته منڍ جا آبادگار آبپاشي عملي سان گڏجي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن ۽ ٻيو ته هٿرادو وارابندي ڪري آبادگار پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته نصير ڪئنال جي وارابندي ڪري بااثر ماڻھن کي پاڻي ڏيڻ بند ڪيو وڃي، پريشان ٿيندڙ ننڍن آبادگارن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، نصير ڪئنال مان ڦرھو ريگيوليٽر تي هميشه 6 فٽ پاڻي برقرار رکڻ سميت پاڻي چوري روڪڻ لاءِ واھن ۽ ڪئنالن تي رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button