اسلام آبادپاڪستان

ڪڻڪ پيداوار 28.89 ۽ کپت جو ڪاٿو 30.89 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو

اسلام آباد (رپورٽ:خالد محمود)وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت سان گڏجي صوبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جا قدم کنيا وڃن. ڪالهه شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، موجوده ذخيرن ۽ صوبائي ۽ قومي سطح تي کپت جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي هن سال پيداوار جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڪڻڪ جي مجموعي پيداوار جو هدف 89 ڏهائي 28 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو هو. جڏهن ته امڪاني پيداوار 173 ڏهائي 26 رهڻ جي اميد آهي. ڪڻڪ جي ملڪي سطح تي مجموعي کپت جو ڪاٿو 79 ڏهائي 30 ملين ميٽرڪ ٽن لڳايو ويو آهي. ڪڻڪ جي پيداوار جي هدف ۽ متوقع پيداوار ۾ فرق جي سببن ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ ۽ گذريل حڪومت جي ڀاڻ جي فراهمي ۾ بدانتظامي جي ڪري ڀاڻ جو بحران آهي. وڌيڪ اهو ته مارچ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت جي دير سان اعلان جي ڪري آبادگارن جي ڪڻڪ جي پوکيءَ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. ان کانسواءِ تيل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ موسمياتي تبديلي يعني وقت کان اڳ گرمي جي شدت ۾ اضافو پڻ ڪڻڪ جي طئي ٿيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ رهيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جي حڪومتي سطح تي خريداري جي حوالي سان پنجاب 66 ڏهائي 91 سيڪڙو، سنڌ 68 ڏهائي 49 سيڪڙو، بلوچستان 29 ڏهائي 15 سيڪڙو جڏهن ته پاسڪو 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي فلور ملز کي ڪڻڪ جي فراهمي تي سبسڊي، اٽي جي 10 ڪلو ٿيلهي جي 400 رپيا جي قيمت تي فراهمي، بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي سستي اٽي جي فراهمي ۽ خيبرپختونخواهه کي 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي انهن قدمن ۾ شامل آهي. وزيراعظم عملدارن کي خيبرپختونخواهه حڪومت سان گڏجي صوبائي کپت جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهربل ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي چوري ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سائيلوز جي تعمير جي حڪمت عملي تيار ڪري جلد پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪڻڪ جي پوکيءَ جي ڏينهن ۾ ڏوهاري غفلت، بدانتظامي ۽ لاپرواهي جي ڪري ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو جنهن جي ڪري آبادگارن ۽ ملڪ کي نقصان پهتو، سائيلوز جي تعمير سان چوري ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، غلط فيصلن ۽ وقت سر حڪمت عملي نه هجڻ جي ڪري اسان ڪڻڪ جي ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ بدران ڪڻڪ جي درآمد ڪندڙ ملڪ بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي بهتر حڪمت عملي سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ملڪ بڻائينداسين. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، فوڊ سيڪيورٽي، پاسڪو ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ صوبائي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جي موجوده قيمت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽن سالن کانپوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي جيڪو عوام جي لاءِ هڪ وڏو ريليف آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سان ڪالهه جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button