پاڪستانسنڌ

پيرولاشاري ۾ مرغي جي گوشت جو اگهه چوٽ چڙهيل، عوام پريشان

پيرولاشاري: پيرولاشاري شھر ۾ عام واهپي جي شين کان علاوه مرغي جو گوشت به عام ماڻهن جي خريد ڪرڻ کان پري ٿي ويو آھي، شھر ۾ مرغي جو گوشت 600 کان 620 ڪلو روپين تائين وڪرو ڪيو پيو وڃي، سخت گرمي ۾ به مرغي جو گوشت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو، جڏهن ته مرغي وڪرو ڪندڙن دڪاندارن جو چوڻ آھي ته مرغي مٿان کان مهانگي ٿي وئي آھي، سخت گرمي سبب فارمن ۾ مرغي جو چوزو مرڻ لڳو آھي، فارمن ۾ مرغي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، جنهن سبب مرغي جي اگہھ ۾ اضافو ٿيو آھي، ان ۾ اسان جو ڪوبه ڏوہہ ناهي، مرغي مٿان کان مهانگي اچي ٿي.

جڏهن ته فارمن ۾ مرغي کي بيماري ھئڻ سبب شهر ۾ ڪڪڙ مرغي نه پيا اچي سگھن، جنهن ڪري ڪافي دڪان بند ٿي ويا آهن، انتظاميا به خاموش بڻيل آھي، ڪوبه نوٽيس نه ورتو، هتان جي عوام ضلعي بدين انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته مهانگي مرغي ڏيندڙن خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button