پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه ۾ لاوارث حالت ۾ جيپ ملي، پوليس حوالي

ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه ۾ لاوارث حالت ۾ بيٺل پجارو جيپ هٿ اچڻ بعد پوليس حوالي ڪئي وئي. عيدالفطر جي موقعي تي قائم ڪيل ملاکڙا گرائونڊ جي عارضي پارڪنگ ۾ ٻن ڏينهن کان بيٺل جيپ جا مالڪ ظاهر نه ٿيا. پارڪنگ انچارج حيدربخش وساڻ ٻڌايو ته پجارو ڊرائيور 2 ڏينهن اڳ پارڪنگ ۾ گاڏي بيهاري ويو ته واپس نه آيو، پارڪنگ ختم ٿي وئي، ماڻهو پنهنجون گاڏيون کڻي ويا، پر هي جيپ بيٺل رهي، ٻن ڏينهن تائين مالڪ جي ڳولا ڪئي، پر نه مليو، ان ڪري پوليس کي اطلاع ڪيو. هوڏانهن پوليس پهچي جيپ کي ڪاهي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button