پاڪستانسنڌ

کورواھه ۾ نوجوان سٿ طرفان جاکوڙي ڪردارن جي مان ۾ تقريب

کورواھه: کورواھه ۾ نوجوان سٿ طرفان جاکوڙي ڪردارن جي مان ۾ شاندار تقريب ٿي، انھي موقعي تي خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور چيو ته عيدون خوشيون مذھبي ڏڻ آھن، جيڪي وڏي خوشي ۽ احترام سان ملھايو وينديون آھن، سنڌ جي ماڻھن کان خوشيون رسي ويون آھن، تنھن باوجود به پنھجين خوشين ڀرين ڏھاڙن کان عافل ناھيون، سنڌ جي تيل، گئس ۽ ڪوئلي تي وفاق جو قبضو آھي، سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌي ماڻھن کي فاقاڪشي طرف ڌڪيو پيو وڃي.

پي پي اڳواڻ ڊاڪٽر دودو مھيري خطاب ڪندي چيو ته خوشين جي ڏينھن تي جاکوڙي ڪردارن کي ياد ڪرڻ تي کورواهھ جا نوجوان جس لھن، عيد ڏھاڙا پيار محبتن خوشين ونڊڻ جا ڏينھن آھن، ماضي ۾ به سنڌي ماڻھو عيد ڏھاڙي تي ھڪٻئي جو خيال رکندا ھئا، ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنھور چيو ته سنڌي ماڻھن کي پنھجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لا سنجيدگي سان ويچار ڪن، پنھنجو فيضلو سوچي ڪن، ان موقعي تي امين خاناڻي جت، نياز چنا، ھالار چنا، پرويز مير، اسماعيل نوتڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button