پاڪستان

حڪومت خلاف سازشن سبب آءِ ايس آءِ سربراهه تبديل نه پئي ڪرڻ چاهيو: عمران خان

ميانوالي: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪيرائڻ جي سازشن سبب ڊي جي آءِ ايس آءِ تبديل نه ڪرڻ چاهيم پئي، حڪومت مخالف منصوبي جو پتو گذريل سال جولاءِ ۾ پئجي ويو هو، 20 مئي کانپوءِ ڪنهن وقت به اسلام آباد اچڻ جو سڏ ڏيندس، نه ڪو ڪنٽينر توهان کي روڪيندو نه راڻا ثناءُ الله روڪيندو. سوشل ميڊيا تي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ۽ ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته کيس حڪومت ڪيرائڻ واري منصوبي جي ڄاڻ گذريل سال جولاءِ ۾ ئي پئجي وئي هئي، مون خلاف تمام وڏي سازش ٿي ته پاڪستان ۾ موجود مير جعفر ۽ مير صادق سندن ساٿ ڏنو. هن چيو ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جا خدشا هئا ان لاءِ هو نه پيو چاهي ته ڏکئي وقت ۾ انٽيلجنس چيف تبديل ٿئي، ان ڳالهه تي اهو تاثر ڏنو ويو ته مان جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ چاهيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button