پاڪستانسنڌ

بحرين جي شاهي وفد جي درگاهه ڀٽائي تي حاضري

ڀٽ شاهه: بحرين جي شاهي خاندان سان تعلق رکندڙ وفد ڀٽ شاهه پهچي ويو، جتي وفد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي حاضري ڀري. بحرين جي بادشاهه جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ شيخ الجواهر الخليفه الخليفه جي اڳواڻي ۾ آيل وفد جي درگاهه تي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه ۽ سيد منظر حسين شاهه آجيان ڪئي ۽ کين لونگي توڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

شيخ الجواهر الخليفه الخليفه جي اڳواڻي ۾ وفد درگاهه جي اڱڻ تي دنبوري جي تند تي شاهه جو راڳ به ٻڌو ۽ درگاهه جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ڄاڻ ورتي. قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاهه وفد کي دنبوري جي راڳ سميت درگاهه بابت ڄاڻ ڏني. شيخ الجواهر الخليفه الخليفه ڳالهائيندي چيو ته ڀٽائي جي مزار تي اچي خوشي ٿي آهي، سنڌ جي مختلف هنڌن تي گهمڻ سان تمام گهڻين تاريخي شين بابت ڄاڻ ملي آهي، سنڌ مان پنهنجي ملڪ لا امن، محبت ۽ پيار جو پيغام کڻي وينديس. وفد ۾ سيد منصور شاهه ۽ شهزاد منگي به شامل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button