اسلام آبادپاڪستان

آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي بلاول ڀٽو کي فون

واشنگٽن: آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون، ذريعن مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ بلاول ڀٽو جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستاني هم منصب سان علائقي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. هوڏانهن پاڪستاني پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن مون کي فون ڪئي آهي، هن پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل مفادن وارن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان، گڏيل احترام جي بنياد تي اڳتي وڌڻ، امن، ترقي ۽ سلامت تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button