اسلام آبادپاڪستانسنڌ

گهٽ برسات سبب ٿر،عمرڪوٽ ۾ ڏڪار ٿي سگهي ٿو:شيري رحمان

اسلام آباد: موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ جي گهڻي حصي ۾ چوماسي برساتون معمول کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چوماسي برساتن ۽ گليشيئر ڳرڻ بابت قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اختيارين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته ڏکڻ اولهه خيبر پختونخوا ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ واڌو چوماسي برساتن جو امڪان آهي. جڏهن ته ڏکڻ اولهه پنجاب ۾ به وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته وڌيڪ برساتن سبب ڪوهه سليمان جي حصن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. ڏکڻ ۽ اوڀر سنڌ ۾ گهٽ برساتن سان ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۾ ڏڪار واري صورتحال ٿي سگهي ٿي. شيري رحمان چيو ته گرمي پد ۾ واڌ سبب گلگت بلتستان ۽ اتر خيبر پختونخواهه ۾ برف وڌيڪ ڳرڻ جو امڪان آهي، اترين علائقن ۾ برف جي واڌو ڳرڻ سان ٻوڏ جو خطرو آهي، تنهن ڪري ماڻهن کي خطرن وارن علائقن مان ڪڍڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button