پاڪستانسنڌ

سانگهڙ جي شاخن تي رينجرز مقرر، پاڻي چورن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

سانگھڙ: سانگهڙ ۾ پاڻي چوري خلاف رينجرز کي طلم ڪيو ويو آهي. رينجرز ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن نارا ڪئنال جو دورو ڪري غير قانوني طور پاڻي چوري ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو. سانگهڙ ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ غير قانوني طور پاڻي چوري واري عمل کي روڪڻ جي ڪوشش دوران آبپاشي عملدارن تي حملن جو سلسلو شروع ٿيو. جنهن تي نارا ڪئنال واٽر بورڊ ايريا جي ڊائريڪٽر منصور ميمڻ طرفان واهن مان غير قانوني طور پاڻي جي چوري روڪڻ، آفيسرن ۽ ملازمن سان نامناسب رويو اختيار ڪرڻ ۽ حملا روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي رينجرز مقرر ڪرڻ لاءِ خط لکيو ھو، جنھن بعد اڄ سانگهڙ ضلعي جي مختلف واهن ۽ شاخن تي رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي. رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري مختلف واهن ۽ شاخن تي گشت شروع ڪيو آھي. ٻئي پاسي سانگهڙ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪئي پئي وڃي، جنھن سبب شھر جي اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي. شھرين مطالبو ڪيو ته واهن مان پاڻي چوري ڪندڙن خلاف قدم کڻي شھر ۾ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button