پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي هائي اسڪول ۾ تقريب، تقريرون، ٽيبلوز پيش

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهه هڙي ۾ گورنمينٽ هائي اسڪول جي هيڊماستر ذوالفقار علي عاقلاڻي جي نگراني ۾ نائين ڪلاس جي شاگردن پاران ڏهين ڪلاس جي شاگردن جي مان ۾ الودائي پارٽي ڏني وئي، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف موضوعن تي تقريرون ڪري ٽيبلوز پيش ڪيا. قن موقعي تي هيڊماستر ذُوالفقار علي عاقلاڻي خطاب ڪندي چيو ته علم روشني آھي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گهرجي ته هو دل ۽ دماغ سان بهتر تعليم حاصل اڳتي نڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن، اسان جي ڪوشش آھي ته ھائي اسڪول مان بهتر تعليم حاصل ڪري ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر ايجنيئر، استاد ۽ آفيسر ٿيو. استادن غلام محمد عاقلاڻي، اقبال ميرجت، رانا افلاطون، ذوالفقار سمون، لالا قمر عاقلاڻي، نظير درس ۽ ٻين چيو ته ڪرونا وبا کانپو ھن قسم جو پروگرام ٿي رهيو آھي. ان موقعي شاگردن ٻڌايو ته 5 سال گڏ رهي تعليم حاصل ڪئي، اڄ پڄاڻي تي ميلا مچايا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button