سنڌ

خانپورمهر ۾ مقتول نوجوان جي وارثن جو ايس ايس پي آفيس مظاهرو،ڌرڻو

خانپورمھر ٿاڻي جي حد ۾ 2 هفتا اڳ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان نزاڪت بوزدار جي وارثن عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي ميرپورماٿيلو ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو مظاھرو ڪري نٽھڻ اُس ۾ ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي اڳواڻن حبيب اللہ، جيئل، نديم بوزدار ۽ ٻين پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي نيشنل ھا وي تي پھچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته خانپورمهر پوليس جوابدار اختر، غفور، رزاق، فدا بوزدار سميت 7 ڄڻن مٿان ڪيس داخل هجڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. هنن چيو جيڪڏهن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن احتجاج دوران روڊ بلاڪ هجڻ ڪري سوين گاڏيون بيهجي ويون بعد ۾ ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو اختر وسير پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ ڊي ايس پي اختر وسير جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button