سنڌ

کنڀي گم ڪيل صحافي حيدر پلهه ۽ زاهد مري جي ڪراچي ۾ گرفتاري ظاهر

پڊعيدن ۾ وارڊ هڪ مان 2 هفتا اڳ کنڀي گم ڪيل صحافي حيدر بخش پلھه ۽ نوشهروفيروز مان کنڀيل زاهد علي مري کي ڪراچي سي ٽي ڊي گارڊن پوليس دهشتگردي جي هڪ ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ صحافي حيدر بخش پلهه جي پي صحافي عبدالجبار پلھه صحافين کي ٻڌايو ته ڪراچي سي ٽي ڊي گارڊن پوليس کنڀي گم ڪيل صحافي حيدر پلهه ۽ زاهد مري جي دهشتگردي ڪيس جي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي آهي. سي ٽي ڊي پوليس ٻنهي کنڀي گم ڪيلن کي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري 7 ڏينهن جو رمانڊ ورتو آھي. پوليس ڪراچي عدالت مان ستن ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪيو آھي. اسان کي عدالت مان انصاف جو يقين آھي. ياد رهي ته ٻنهي جي گمشدگي خلاف وارثن ۽ شهرين ڪيترائي ڀيرا سخت احتجاج ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button