اسلام آبادپاڪستان

مخالف ڪيترا به ڪنٽينر بيهارين،20 لک ماڻهو اسلام آباد ايندا:عمران خان

ايبٽ آباد:تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مخالف چون ٿا ته گرمي وڌي وئي آهي، ماڻهو نه نڪرندا، ڀلي جيترا به ڪنٽينر بيهاري ڇڏيو، منهنجي سڏ تي 20 لک ماڻهو اسلام آباد ايندا. پارٽي سان بغاوت ڪري ويندڙ جتي به ويندا، انهن خلاف چور، لوٽا، ۽ ضمير فروش جا نعرا لڳندا رهندا. ڪالهه ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته انهن کي توهان جي جنون جو خوف آهي. اسلام آباد ۾ انسانن جو جنون اچڻ وارو آهي، اسلام آباد ۾ رڳو هڪ ئي آواز هوندو امپورٽڊ حڪومت نامنظور. اهي آمريڪا سان سازش ڪري اسان تي مڙهيل آهن، انهن کي قوم ڪڏهن تسليم نه ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي چونڊيل حڪومت کي سازش تحت هٽايو ويو، سازش ۾ هتان جا مير جعفر ۽ مير صادق شامل هئا. مان ڪڏهن آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه هيس، ڪڏهن اڏا ڏيڻ تي راضي نه هيس، آمريڪا چاهيو ته مشرف جهڙو سربراهه هجي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف تون پينو آهين، غلام آهين، چور آهين، اسان ڪنهن جا بوٽ پالش ڪرڻ وارا ناهيون. سڄي قوم اسلام آباد پهچي هڪ ئي پيغام ڏيندي امپورٽڊ حڪومت نامنظور، منهنجي سڏ تي 20 لک ماڻهو اسلام آباد ايندا، ماڻهن کي پنهنجي حقيقي آزادي جي جنگ وڙهڻ لاءِ اچڻو پوندو. ٻئي طرف ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف مارچ جو اعلان ڪندي ئي اسلام آباد سميت وڏا شهر جام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. حڪومت مخالف لانگ مارچ لاءِ تحريڪ انصاف پنهنجو پلان فائنل ڪري ورتو آهي، سڄي ملڪ مان لکين ماڻهن کي اسلام آباد آڻڻ ۽ وڏن شهرن کي جام ڪرڻ جي حڪمت عملي به تيار ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب عمران خان جو پيغام پارٽي اڳواڻن تائين پهچايو ويو آهي، لانگ مارچ جو اعلان ٿيندي ئي مختلف شهرن کي جام ڪيو ويندو، ان حوالي سان وڏن شهرن جي بندش لاءِ پوائنٽون طئي ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻن کي گرفتاري کان بچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر گرفتارين جي صورت ۾ بيڪ اپ پلان تي عمل ٿيندو. ذريعن موجب مرڪزي اڳواڻن جي گرفتاري جي صورت ۾ متبادل قيادت ڪارڪنن کي لانگ مارچ ۾ گائيڊ لائين ڏيندي ۽ گرفتارين خلاف احتجاج به ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button