سنڌ

آئي ايم ايف سان ڪيل ظالماڻا معاهدا ختم ڪرڻا پوندا:سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته نااهل پارٽين جي سياسي ٽڪنڊي سبب اڄ ملڪ تي عالمي مالياتي ادارا حاوي آهن. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي تبديلي ڪافي نه آهي، آ ايم ايف سان ٿيل ظالمانا معاهده ختم ڪرڻا پوندا. ٽئي وڏيون سياسي پارٽيون هڪ ڇٽيءَ هيٺ پروان چڙهيون آهن.هاڻي اهي ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙا نعرا ۽ دعوائون ڪري قوم کي بيوقوف بڻائڻ چاهين ٿا. عوام کي حڪمران اشرافيه کي رد ڪري جماعت اسلامي تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عوام پيپلزپارٽي، ن ليگ کي بار بار آزامائي ڏٺو آهي، پي ٽي آءِ به مسئلن ۾ اضافو ڪيو آهي، ناڪام ماڻهن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ بيوقوفي هوندي. حڪومت چونڊ سڌارن کانپوءِ جلد کان جلد چونڊون ڪرائڻ جو بندوبست ڪري. موجوده سياسي بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو چونڊون آهن. متناسب نمائندگي جي اصولن تحت چونڊون ڪرايون وڃن پاڪستان هاڻي سود جي شرح برداشت نه ڪندو. جماعت اسلامي پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان جون پريشانيون هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهيون آهن اسان کي افسوس ۽ پريشان ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ڏينهون ڏينهن سخت پولرائزيشن طرف وڃي رهيو آهي.سياسي پارٽين کي سنجيدگيءَ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. سياست ۾ گار گند ۽ تشدد جي ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button