پاڪستانسنڌ

شاهپور چاڪر ۾ آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اميدوارن جو مظاهرو

شاهپور چاڪر: شاهپور چاڪر ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آرڊر نه ملڻ خلاف غريب آبادي پاڙي کان هٿن ۾ شيٽون کڻي علي حيدر ڏاهري، مير حسن بروهي، سيف الله ڏاهري، خالد منگي، ربنواز بالادي ۽ پرڪاش ڪمار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان مقوعي تي هنن چيو ته 2013 ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪئي، پر اڄ تائين آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا، جيڪو ظلم آهي، ان وقت آفيسرن ڪرپشن ڪرڻ لاءِ سيٽون ظاهر ناہن ڪيون، پر هاڻ 2020ع ۾ اوچتو 50 هزار سيٽون ظاهر ٿيون. هارڊ ايريا جي 33 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي به آرڊر ڏنا ويا آهن، پر اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته اسان کي آفر آرڊر ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button