پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

سامارو: سامارو ڀرسان ديهھ 325 جي ڳوٺ پريمون ميگھواڙ جي رھواسي 20 سالن جي والدين جي اڪيلي نوجوان پٽ سورج پٽ ايسر ميگھواڙ جو ھائير سيڪنڊري اسڪول ويجھو لياقت قائمخاني جي ڪيلي جي باغ ۾ انب جي وڻ ۾ ڳچي ۾ رسي سان ڦاھو ڏنل ٽنگيل لاش هٿ آيو. هارين ۽ گاهه ڪندڙ ماڻھن جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش لاھي اسپتال آندو. ان موقعي تي فوتي جي سئوٽن گھنشام ۽ ھيمراج ميڊيا ۽ پوليس کي ٻڌايو ته فوتي نوجوان ڪراچي ۾ درزڪو ڪم ڪندو ھو، ڪجهھ ڏينھن اڳ ڳوٺ آيو ھو، اڄ صبح گھران شھر مان سامان وٺڻ لا نڪتو ۽ گھر واپس نه موٽيو. ھنن چيو ته نوجوان جي ما ۽ پي سميت ڪنھن سان ڪا به اڻبڻت نه ھئي، نوجوان جي پي ايسر جو دماغي توازن صحيح ناھي، سورج جي ڦاھي تي ٽنگيل لاش ملڻ وارو واقعو سمجھ کان ٻاھر آھي، جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن ايس ايڇ او اصغر سيلرو ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعي بابت گھڻ رخي جاچ ڪئي ويندي. ٻئي طرف پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن محمد اشرف قائمخاني ۽ ڊاڪٽر جاويد راھمون ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم جا جزا ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر ليبارٽرين ڏانهن اماڻيا ويندا، جتان رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجھه ٻڌائي سگھجي ٿو. ٻئي پاسي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button