پاڪستان

اقتدار مان بيدخلي بعد عمران خان ذهني توازن وڃائي چڪو آهي:آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عمران خان طرفان قومي ادارن خلاف نفرت جوڳي مهم هلائڻ جي سخت مذمت ڪندي انکي احتساب کان بچڻ جي هڪ ڪڌي سازش قرار ڏنو آهي. پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته عوام جي منتخب پارليامينٽ هٿان آئيني عمل جي ذريعي اقتدار کان بيدخل ٿيڻ بعد عمران خان پنهنجو ذهني توازن وڃائي چڪو آهي ۽ هاڻ قومي ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته قومي ادارن خلاف عمران خان جي زهر اوڳاڇڻ پٺيان ڪرپشن ڪيس ۽ فارن فنڊنگ ڪيس جو خوف آهي، جن ۾ سزا کان بچڻ لا هو قومي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.آصف زرداري چيو ته عمران نيازي اقتدار جي لالچ ۾ سڀ حدون پار ڪري جنهن هنڌ تي پهتو آهي، اها ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪرڻ جي سازش لڳي رهي آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي قومي ادارن خلاف ٽرينڊ هلائڻ کانسواءِ عمران پاڻ جلسن ۾ سازشي بيانيي ذريعي ماڻهن جا جذبا ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هن چيو ته عمران ڪرسي خاطر نفرتون پکيڙي نه رڳو پاڪستان پر قومي ادارن کي به نقصان پهچائي رهيو آهي، جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو. آصف زرداري چيو ته عمران خان جي انهن حرڪتن جي ڪري ملڪ گذريل پوڻن چئن سالن ۾ اڳتي وڌڻ بدران پوئتي هليو ويو آهي. هن ادارن کي بدنام ڪرڻ ۽ انتشار پکيڙڻ لاءِ جيڪا مهم شروع ڪئي آهي، اها پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهي ۽ ان جو فائدو دشمن قوتن کي ٿيندو. هن چيو ته پاڪ فوج نه رڳو پاڪستان جي سرحدن جي محافظ آهي پر آئين ۽ جمهوريت جي حفاظت به ان جي ذميواري آهي، ان ڪري ان کي سياست ۾ ڇڪڻ ۽ ان کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ملڪ سان کيڏڻ جي برابر آهي. هن چيو ته عمران خان اقتدار تان هٽڻ کان پوءِ نه رڳو فوج کي ورهائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي پر هو آئين جي پڻ ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻين کي غداري جا طعنا ڏيندڙ عمران نيازي پاڻ مير جعفر ۽ مير صادق جو ڪردار ادا ڪري پاڪستان جي سلامتي کي دا تي لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل آهي، جنهن جا نتيجا کيس پاڻ ڀوڳڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button