پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ جو مظاهرو

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي ۽ سائيٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ ضلعي ڄامشورو پاران پريس ڪلب ڪوٽڙي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي عبدالستار لھر، مقصود جھتيال، ذاڪر گرگيز ۽ ٻين چيو ته ڪوٽڙي شھر ۽ سائيٽ ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو اچي نه سگھيو آھي، گھرن مان چوريون، ڦرون ۽ ڌارڙن جون وارڌاتون معمول بڻيل آھن، ايس ايس پي ڄامشورو ٻوٽو نه ٻاريو آهي، پوليس صرف ڀتا اوڳاڙڻ ۾ پوري آھي. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ايس ايس پي ڄامشورو کي ھٽائي بدامني تي ضابطو آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button