سنڌ

مٺي ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاجي مظاهرو

مٺي ۾ ڏيپلو ۽ ڪلوئي تعلقن جي آ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر روڪڻ خلاف ڊي اي او آفيس جي مک دروازي تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ڇڏيو. ڌرڻي سبب ايجوڪيشن ڪامپليڪس جو مک دروازو بند ٿي ويو. ڊي او تعليم جون مظاهرين سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي پهچي ڳالهيون ڪيون ۽ خاطري بعد اميدوارن ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اميدوارن دانش ٻالاڻي، منور علي سومرو، رحيم سميجو، اميتاب، غلام الله بچاڻي، مگهن ڀيل، عبدالواحد، هاشم دل ۽ ٻين چيو ته سمورن تعلقن ۾ آ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جا آفر آرڊر جاري ٿي چڪا آهن صرف ڪلوئي ۽ ڏيپلو تعلقن جي استادن جا آرڊر روڪڻ بدديانتي آهي. اسان تعليم کاتي جي جنرل پاليسي تحت ميرٽ تي پاس ٿيل اميدوار آهيون، ٻن تعلقن ڪلوئي ۽ ڏيپلو جي اميدوارن کي دربدر ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسانجا آفر آرڊر جاري نه ٿيا ته اڻ اعلانيل مدي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويندو. هوڏانهن ڊي اي اي او سيڪنڊري ۽ ڀرتي ڪميٽي جي چيئرمن هريش لوڍا چيو ته اسان ميرٽ لسٽ يا يوسيز جي سيٽن ۾ هيرا ڦيريون ناهن ڪيون، اهڙا الزام غلط آهن. ٻئي طرف ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي مظاهرين سان ڳالهيون ڪندي کين آرڊر ڏيڻ جي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button