سنڌ

هڱورجا ۾ 8 شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ھڱورجا مائينر، سماج مائينر، سهتا مائينر، بينظير مائينر، گڏيجي مائينر سميت 8 شاهن جي پڇڙي ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو، جنهن جي خلاف آبادگارن مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي امداد بڙدي، رحيمداد بڙدي، علي ڏنو خان بڙدي ۽ ٻين چيو ته شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب وونئڻن جي پوکاۂئي متاثر ٿي رھي آھي. ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي. ھنن چيوته ھزارين ايڪڙن تي وونئڻن جي پوکاۂئي نه ٿي سگھندي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پاڻي جي پھچ کي يقيني بڻاۂئي ابادگارن ،مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button