سنڌ

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺاڻن جو بااثر ماڻهن جي زيادتين خلاف احتجاج

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ الهورايو مگسي جي رهواسين حاجي امام علي مگسي، الهورايو مگسي، عبدالحڪيم مگسي، الهبچايو، غلام اڪبر، قادر بخش ٻارن ۽ نياڻين سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته اسين غريب مسڪين آهيون، بااثر ماڻهن کي گهرن ۾ اچڻ کان روڪيو ته معشوق مگسي، پرين مگسي، سڪندر کوکر اسان جي گهرن تي فائرنگ ڪري قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ گهرن کي باهه ڏئي نقصان پهچايو. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي، اسان جي زندگين کي خطرو آهي. کڏهر ٿاڻي تي اين سي داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button