سنڌ

”تحفظ ڏنو وڃي“ لاڙڪاڻي ۾ پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج

ڄامشوري جي ڪراچي موري واري علائقي جي ناري ڪائنات ڌيءَ ڪريم بخش ملاح هالا جي ڳوٺ ڀاڻوٺ واسي پنهنجي سئوٽ سجاد علي ملاح سان پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ مڙس سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هن دانهيو ته ڪجهه عرصو اڳ والدين منهنجي مڱڻي سئوٽ سجاد ملاح سان ڪرائي بعد ۾ رشتو ختم ڪري ماسات الطاف ملاح سان زوري شادي ڪرائي رهيا هئا، جنهن بعد مون پنهنجي سئوٽ سجاد علي ملاح سان گذريل جمعي ڏينهن گهران نڪري لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن ڪري خدشو آهي ته والدين مڙس ۽ سندس گهر ڀاتين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪندا. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مڙس سميت تحفظ ڏيئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button