نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ جي يوسي مھراڻو ۾ ارباب گروپ کي جھٽڪو لڳو. 50 سالن کان ارباب غلام رحيم ۽ ان جي وڏن کان وٺي ارباب گروپ سان سلھاڙيل وڏيري شاھنواز جوڻيجو، وڏيري سنگھار جوڻيجو ۽ ادريس جوڻيجو ڍوڍارو پھچي ارباب لطف الله جي موجودگي ۾ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ارباب غلام رحيم کان واٽون جدا ڪندڙ وڏيري شاھنواز جوڻيجو ۽ سنگھار جوڻيجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو اسان بنا ڪنهن دٻا، خوف ۽ لالچ جي پ پ ۾ شموليت ڪئي آھي. ارباب لطف الله کي ڳوٺ جنھاڻ جوڻيجا اچڻ جي دعوت ڏني آھي، جنهن اچڻ جي حامي ڀري آھي. هنن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏينداسين، اسان جي شموليت غير مشروط آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close