پاڪستانسنڌ

“پڪو ڪري پگهارون ڏيو” اسلام ڪُوٽ ۾ ايل ايڇ ويز جو احتجاج

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرن لالي ٻائي، خاتون، سوهدران، دوپا، سمجهو، پاروتي، موتان، انيلا، تاجل ۽ ٻين پنهنجن مائٽن سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته صحت کاتي اسان کي 2018ع ۾ آفر آرڊر جاري ڪيا، 4 سالن کان اسان کان ڊيوٽي ورتي پئي وڃي، پر اسان کي نه ڪٿي جوائننگ ڪرائي ٿي وڃي، نه وري پگهار ٿي ڏني وڃي، اسان هيلٿ ورڪر طور مڪمل ڊيوٽي ڪريون پيون. پوليو ۽ ڪرونا سميت هر ايمرجنسي ۾ ڪم ورتو وڃي ٿو، پو به اسان کي پڪو نٿو ڪيو وڃي، اسان کي 4 سالن ۾ صرف هڪ سال ٽريننگ وارو معاوضو ڏنو ويو آهي، باقي 3 سالن کان پگهارون نه ملي سگهيون آهن، جنهن سبب ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. اسان سنڌ جون نياڻيون پنهنجي جائز مطالبي جي حل لا مسلسل احتجاج ڪريون پيون، پر سرڪار نوٽيس نٿي وٺي. هنن گهر ڪئي ته اسان کي ريگيولر ڪري رهيل پگهارون جاري ڪري فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button